قصور: (سومر 23 فيبروري 2020ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار محمد حسين ڊوگر کي جوابدار ڇڏرائڻ مهانگو پئجي ويو، پوليس ڊي پي او جي هدايتن تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.
صدر ٿاڻي جي ڀرپاسي ۾ لاڳاپيل چوڪي نور پور پوليس کي 15 تي اطلاع ملي ته ٻن پارٽين وچ ۾ جهيڙو ٿي رهيو آهي جنهن تي پوليس موقعي تي پهچي شريف نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ سردار محمد حسين ڊوگر ۽ ٻيا ماڻهو ڏنڊا کڻي پهچي ويا ۽ رستي ۾ ئي گرفتار جوابدار محمد اشرف کي ڇڏرائي فرار ڪرائي ڇڏيو.
پوليس صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري سردار محمد حسين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب رات دير تائين تحريڪ انصاف جا مقامي اڳواڻ صدر قصور بار مهر سليم ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا پوليس آفيسرن سان صلح جي ڪوشش ڪندا رهيا.