عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه گهٽ، پاڪستان ۾ ڊيزل تيرهن رپيا سستي ٿيڻ جو امڪان

news

ڪراچي: عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي جا اگهه گهٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ ڊيزل جي اگهن ۾ 13 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب ڪورونا وائرس سبب ڪچي تيل جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي جي اثر پهرين مارچ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا،

گذريل هڪ مهيني ۾ عالمي منڊي مان ڊيزل خريداري 13 رپيا 30 پئسا گهٽ اگهه تي ٿي هئي، پيٽرول خريداري جو سراسر ساڍا 7 رپين کان 8 رپيا ليٽر گهٽ رهيو آهي.

پهرين مارچ کان گاسليٽ جي اگهن ۾ 8 رپيا ليٽر گهٽتائي جو امڪان موجود آهي.

ماهرين موجب بجيٽ خساري ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام سبب حڪومت سڄو فائدو منتقل ڪرڻ بدران صرف 3 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري سگهي ٿي.

ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو سبب ڪورونا وائرس جي ڪري معاشي سرگرميون سست ۽ تيل جي طلب ۾ گهٽتائي آهي.

برطانوي برينٽ ڪروڊ آئل جي اگهن ۾ 4.1 سيڪڙو (2.42 ڊالر) گهٽتائي کانپوءِ 56.09 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل جي اگهن ۾ 4 سيڪڙو (2.12 ڊالر) گهٽتائي کانپوءِ 51.26 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.

ڪورونا وائرس هن وقت تائين دنيا جي 29 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ سڀ کان وڌي فوتگيون چين ۾ ٿيون آهن، جتي ايستائين 77 هزار 150 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽  2592 ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن.

ان کان علاوه ايران، عراق، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، جاپان ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڪورونا وائرس  جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.