نئين دهلي ۾ هندو انتهاپسندن ۽ پوليس جو مسلمانن تي حملو، ست ڄڻا مارجي ويا، ٽيهه زخمي

news

نئين دهلي: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري جي موقعي تي ڀارتي پوليس ۽ انتهاپسند هندوئن جي مسلمانن تي بدترين تشدد جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.

ڀارتي شهر گجرات جي ڪاسائي مودي مرڪزي علائقن ۾ به باهيون لڳائي ڇڏيون.پوليس جي سرپرستي ۾ بي جي پي جي اڳواڻن ۽ انتهاپسند هندوئن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهلي ۾ تڪراري شهريت واري قانون جي خلاف پرامن ڌرڻي ۾ ويٺل مظاهرين تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ جهيڙا شروع ٿي ويا. نئين دهلي ۾ جڳهه جڳهه  ۽ گهٽي گهٽي ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا آهن.

ماڻهن کي روڪي کانئس سندن مذهب پڇيو پيو وڃي. ڀارتي پوليس جي سرپرستي ۾ مسلمان مظاهرين تي بدترين تشدد ڪيو ويو. ان واقعن جون ڪيتريون ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي سامهون آيون آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀارتي پوليس جي سامهون ڪجهه لاشون پيل آهن جڏهن ته پوليس اهلڪار مرڻ ڪنڌيءَ پهتل مسلمان نوجوانن کي ماريندي ان کان جي شري رام جا نعرا هڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. حملي آور هندو مسلمان مخالف تڪراري قانون جي خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن جو شاميانو پٽي اڇلي ڇڏيو ۽ اهو چيو ته اسان کي پوليس جي مدد حاصل آهي اسان کي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.

جهيڙن سبب ڪيترن ئي علائقن مان مسلمان لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. شهر جي مختلف حصن ظفر آباد، موج پور، سليم پور ۽ چاند باغ ۾ به جهيڙا شروع ٿي ويا آهن. جعفر آباد جي علائقي ۾ هندوانتهاپسند  پوليس جي سامهون مسلمانن مٿان گوليون هلائيندا رهيا. گوڪلپوري ۾ ٽائر مارڪيٽ کي باهه لڳائي وئي. موج پور ۽ چاند باغ ۾  موجود سمورين بازارن کي باهيون  ڏنيون ويون. انتهاپسندن برقعي پاتل عورتن ۽ ٽوپي پاتل نوجوانن کي خاص طور تي نشانو بنايو. مسلمانن جون دڪانون، گاڏيون گهر ۽ ٻين جڳهين کي ڳولي ڳولي باهيون ڏنيون ويون.