سمورن ٻوٽن جي ماءُ قرار ڏنل هڪ ارب سال پراڻي گاهه

news

بيجنگ: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) چين ۾ هڪ ارب سال قديمي جهاڙي(ويڊ) جي رڪاز ملي آهي جنهن کي سمورن ٻوٽن جي ماءُ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

چيو پيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ زميني خشڪي تي موجود  سمورا ٻوٽا هن گاهه  ذريعي وجود ۾ آيا آهن. هي گاهه هڪ پٿر تي نقسش هو جيڪو لڳ ڀڳ هڪ ارب سال پراڻو آهي ۽ ڪنهن به هريالي جي سڀني کان پراڻي مثال به آهي. ورجينيا ٽيڪ سان تعلق رکندڙ سائنسدان پروفيسر چنگ تانگ ٻڌايو ته هن فوسل تي نظر پوندي ئي اسان تمام گهڻو حيران ٿياسين ۽ ان کي انتهائي اهم قرار ڏنو ويو.

هي آثار نين فين فارميشن مان مليو آهي جيڪو هاڻ سٺي طريقي سان محفوظ ٿيل آهي جيڪو هڪ قديمي ٻوٽو آهي ۽ ان کي(پروٽيروڪليڊس انٽيڪس) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي سمنڊ جي وڏن پٿرن سان چبڙيل رهندو آهي  ۽ حالتون خراب ٿيڻ  تي رڪجي ويندو آهي جڏهن ته بهتر ماحول ملڻ تي ٻيهر ان جون شاخون کلي وينديون آهن ۽ پنهنجي نشونما شروع  ڪري ڇڏينديون آهن.

3 ملي ميٽر ڊگهي هن شاخ جي ڊيگهه صرف 3 ملي ميٽر آهي ۽ اڄ جي سائي شاخ(ويڊ) سان ملندڙ جلندڙ آهي. ماهرين جو خيال آهي ته سائي سي وڊ شروعاتي طور تي سمنڊ ۾ پکڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان کان پوءِ اولين سائنوبيڪٽيريا جي ٻوٽن مان آڪسيجن جو نڪرڻ يقيني ٿي ويو ۽ ان ذريعي هوا ۾ آڪسيجن شامل ٿي جيڪا اڄ تائين موجود آهي.