سيمونا هالپ ڊبليو ٽي اي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو

news

دبئي: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) رومانيه جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ رانديگرياڻي سيمونا هالپ ڊبليو ٽي اي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب سيمونا هالپ فائنل ميچ ۾ قزاقستان جي الينا ريباڪينا کي شڪست ڏئي ٻيون ڀيرو وومين سنگلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

دبئي ۾ هلندڙ ڊبليو ٽي اي ايونٽ ۾ کيڏيل وومين سنگلز فائنل ميچ ۾ سيمونا هالپ قزاقستان جي مخالف رانديگر الينا ريبا ڪينا کي پهرين سيٽ ۾ 3-6 تان شڪست ڏيڻ جي باوجود ٻئين اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 7-6 (7-5) تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو.

هي 28 ساله سيمونا هالپ جو هلندڙ سال هي ٻيون ڊبليو ٽي اي ٽائٽل آهي ياد رهي ته سيمونا هالپ ٻيون ڀيرو دبئي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽيو آهي.