رابعه ۽ ماحور شهزاد پرڏيهه ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ ۾ مصروف

news

ڪراچي: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) پاڪستان جون 2 سڳيون ڀينرون هن وقت پرڏيهه ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

رپورٽ موجب رابعه شهزاد انگلينڊ ۾ ٿيندڙ عورتن جي انٽرنيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپين شپ ۾ پاڪستان جي لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو آهي جڏهن ته ان جي ڀيڻ قومي وومين بيڊمنٽن چيمپين ماحوار شهزاد پلوشه سان گڏ ملي يوگينڊا اوپن بيڊ منٽن چيمپين شپ ۾ پاڪستان کي برائز ميڊل ڏياريو.

پاڪستاني جوڙي کي سيمي فائنل ۾ ڀارت کان 2_0 تان شڪست ملي. ماحور شهزاد ۽ پلوشه هاڻ ڪينيا اوپن بيڊمنٽن چيمين شپ ۾ شرڪت ڪندي.