ڊيري وارين شين جو روزاني جي استعمال سان فالج جو خطرو گهٽ ٿي سگهي ٿو: تحقيق

news

لنڊن: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) ماهرن هڪ نئين جاچ ۾ چيو آهي ته کير، ڌونئرو، پنير ۽ ڊيري سان ٺهيل شين جو باقاعده استعمال هميشه جي لاءِ اپاهج بنائيندڙ خوفناڪ بيماري فالج جي خطري کان پري رکندو آهي.

هي تحقيق آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ٿي جنهن ۾ هڪ وڏو سروي ڪيو ويو. سروي ۾ يورپ جي 9 ملڪن جي 4 لک ماڻهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي لاءِ حصو ورتو ۽ ان کان سوالناما به ڪرايا ويا جنهن ۾ ماڻهن کان ان جي صحت ۽ غذا جي باري ۾ هڪ مخصوص عرصي تائين سوال ڪيا ويا. سروي مان نتيجا اهي نڪتا ته ڊيري واريون شيون ان انتهائي تڪليف ڏيندڙ فالج جي حملي کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

اهڙي طرح روزاني هڪ گلاس کير پيئڻ سان اشڪيامڪ اسٽروڪ جو خطرو، پنج سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو. کير ۽ ان مان ٺهيل شين کان علاوه شرڪت ڪندڙن کان فروٽ ۽ ڀاڄين بابت به سوال ڪيا ويا. ان مان خبر پئي ته رس وارين(فائبر) فروٽ ۽ ڀاڄين جو استعمال به هر طرح جي فالج کان پري رکندو آهي. ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ ڊيري وارين شين کي دل جي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو پئي ويو پر هاڻ خبر پئي آهي ته کير ۽ ان مان ٺهيل شيون بلڊ پريشر کي به قابو ۾ رکنديون آهن.

ان تحقيق جا تفصيل  يورپي هارٽ جرنل ۾ شايع ٿيا آهن ۽ چيو ويو آهي ته روزاني ٻه سئو گرام فروٽ ۽ ڀاڄيون کاڌيون وڃن ته ان سان فالج جو خطرو 13 سيڪڙو  تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آنو صحت لاءِ خطرناڪ ناهي پر   حقيقت ۾ هڪ آنو کائڻ فالج روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.