پنجاب حڪومت نوازشريف جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

news

لاهور: پنجاب ڪابينا نوازشريف جي ضمانت ۾ واڌ لاءِ ڏنل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بزدار جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نوازشريف پاران ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي غور ڪيو ويو.

ڪابينا ۾ خاص ڪميٽي نوازشريف جي صحت بابت تجويزون ڏنيون جنهن جو جائزو ورتو ويو.

پنجاب ڪابينا چيو ته نوازشريف کي عدالت طرفان علاج لاءِ 8 هفتن جو وقت ڏنو ويو هو پر 25 فيبروري تائين ان ۾ وڌيڪ 8 هفتا گذري ويا آهن.

ڪابينا ميمبرن چيو ته نوازشريف طرفان اهڙي ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ته جنهن گرائونڊ تان نوازشريف کي پرڏيهه موڪليو ويو ان ۾ ڪنهن واڌ جي ضرورت آهي.

ذريعن موجب ڪابينا موقف اختيار ڪيو ته نوازشريف بورڊ ۽ ڪميٽي کي گهربل رپورٽس پيش نه ڪري سگهيو.