ٽرمپ ڊگهي قد سبب مغل بادشاهه شاهه جهان ۽ ان جي زال ممتاز جون اصل قبرون نه ڏسي سگهيو

news

نئين دهلي: (اڱارو 25  فيبروري 2020ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ پنهنجي ٻن ڏينهن واري دوري جي دوران تاج محل پهتو جتي هو مغل بادشاهه شاهه جهان ۽ ان جي زال ممتاز جون اصل قبرون نه ڏسي سگهيو.

ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ کي تاج محل جو دورو ڪرائيندڙ گائيڊ نيتن ڪمار سنگهه جو چوڻ هو ته ٽرمپ تاج محل جي خوبصورتي ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو پر هو شاهه جهان ۽ ممتاز جون  اصل قبرون نه ڏسي سگهيو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڊگهي قد سبب سيڪيورٽي اهلڪارن کي شڪ هو ته شايد کيس ڌڪ لڳي سگهي ٿو ڇو ته اصل قبرن تائين وڃڻ جو رستو ڏکيو ۽ ان جي اونچائي ڪافي گهٽ آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جو قد 6 فٽ 3 انچ آهي جنهن سبب سيڪيورٽي اهلڪارن کيس  اصل قبرن جو دورو نه ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.