هالا ۾ مخدوم محبوب الزمان پاران تعلقه اسپتال ۾ ٽن بيڊن واري مخدوم طالب الموليٰ ڊائلائيسز سينٽر جو افتتاح

news

ھالا (رپورٽ: شعيب کوکر) ھالاصوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان تعلقه اسپتال هالا ۾ ٽن بيڊن تي مشتمل مخدوم طالب الموليٰ ڊائلائيسز سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته اهو ڊائلائيسز سينٽر 2009 ۾ قائم ٿيو هو جيڪو جلد ئي غير فعال ٿي ويو هو.

رپورٽ موجب صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ذاتي دلچسپي وٺي ضلع مٽياري جي عوام کي طبي سهولتون ڏيارڻ لاءِ هن ڊائلائيسز سينٽر کي ٻيهر فعال ڪرايو آهي.

صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان آر او ڊائلائيسز سينٽر جو معائنو ڪيو، حيدرآباد کان پوءِ هاڻ ضلعي مٽياري ۾ به مريضن لاءِ آر او ڊائلائيسز جي سهولت موجود آهي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر غلام رسول وسوانو، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراڻي، ايم ايس تعلقه اسپتال هالا ڊاڪٽر محمد بچل، اسلم پيرزادو، ڊاڪٽر عبدالستار مير، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رام لوهاڻو، ڊاڪٽر ظهير ميمڻ، ڊاڪٽر قربان ميمڻ سميت ٻيا موجود هئا.

صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته ضلع مٽياري جي عوام کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيو وڃن، ڊائلائيسز سينٽر ۾ روزانو ڇهن مريضن جي ڊائلائيسز ڪئي ويندي آهي جڏهن ته عورتن لاءِ الڳ ڊائلائيسز سينٽر به تيارين جي مرحلي ۾ آهي ۽ تمام جلد اهو به پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو،

ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ضلعي انتظاميه کي شاباس ڏيندي چيو ته  ضلعي انتظاميه مٽياري جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ڊائلائيسز سينٽر جو ڪم مڪمل ٿيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته اڳيان به ضلعي مٽياري جا عملدار انهيءَ دلي محبت سان ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهندا.

  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڊائلائيسز سينٽر ۾ مريضن کي کاڌي پيتي کان سواءِ دوائون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون، تمام جلد تعلقه اسپتال هالا کي ٻه نيون ايمبولنسون فراهم ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو.

ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ڊائلائيسز سينٽر جو دورو ڪرڻ کان سواءِ اتي موجود مريضن جي عيادت پڻ ڪئي.