قطر جي پاڪستان کي آمريڪا طالبان امن معاهدي تي صحيح جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

news

اسلام آباد: قطر پاڪستان کي آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ممڪنه طور تي 29 فيبروري تي جي تاريخي امن معاهدي خليجي ملڪ قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ عالمي تنظيمن جا نمائنده شرڪت ڪندا.

قطر باضابطا طور تي پاڪستان کي به امن معاهدي تي صحيح جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي.

پاڪستان ۾ قطر جي سفير صقر بن مبارڪ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ان کي 29 فيبروري تي دوحه ۾ آمريڪا طالبان امن معاهدي تي صحيح تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

تقريب ۾ شرڪت جي دعوت قطري ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبد الرحمان الثاني جي طرفان موڪلي وئي آهي، قطري سفير شاهه محمود قريشي کي خاص دعوت نامو پيش ڪيو.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ طالبان جي امن معاهدي بابت اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان جو هميشه کان موقف رهيو آهي افغان تڪرار جو ڪو في الحال فوجي حل ناهي، اڄ دنيا پاڪستان جي موقف کي تسيلم ڪري رهي آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افعان مفاهمتي عمل اڳيان وڌائڻ ۾ پاڪستان ۽ قطر جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته امن معاهدي تي صحيح بين الافغان ڳالهين جي طرف وٺي ويندو.