مديجي ويجهو ڳوٺ ڪنڌر جي رهواسي گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

news

مدئجي: مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي حد ڳوٺ ڪنڌر جي رهواسي نوجوان عبدالسميع ڪنڌر گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال کڻي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ,جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو,ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ موجود خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان بندوق صاف ڪري رهيو هو اوچتو گولي ڇٽڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال آڻي رهيا هئاسين ته فوت ٿي ويو.

هوڏانهن ڳاهيجا پوليس جو چوڻ هوته نوجوان گهرو اڻبڻت تان گهر وارن کان ڪاوڙيل هو جنهن تان هن بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي.

وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن جڏهن ته فوتي نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.