صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي صحافين جي سڏ تي احتجاجي مارچ، ڌرڻو، نعريبازي

news

نوشهروفيروز )رپورٽ: فقيرميهرعلي بيهڻ)  نوشهروفيروز،سانگھڙ نواب شاھ ،دادو۽ خيرپور ضلعن جي سوين صحافين جو شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 3 ڪلو ميٽراحتجاجي مارچ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعري بازي 9 مارچ تائين قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزير اعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان تفصيل موجب شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي صحافين جي سڏ  تي نوشهروفيروز پريس ڪلب کان سوين صحافين جي  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جيڪا پڊعيدن روڊ ،الله وارا چوڪ ،ڊي سي آفيس ۽ ٻين چوڪن کان ٿيندي ايس ايس پي آفيس نوشهروفيروز پهتي جتي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي پريس ڪلب نواب شاھ جي صدر ذوا لفقار خاصخيلي،نوشهروفيروزپريس ڪلب جي صد ريونس راڄپر،سانگهڙ جي صدر انجم آفتاب ،اسلم ميمڻ ،علي محمد شاهه لڪياري، فياض چنڊ ڪليري،زاهد راڄپر،ولي چانڊيو،نواب اصغر ڪورائي زاهد قائم خاني ،امجد ميمڻ ،مظهرعلي خاصخيلي ،غلام مرتضيٰ تڳر، بچل هنڱورو ،فقير ميهر علي بيهڻ ،قاسم اسراڻ ،شاهد سومرو،خالد ميمڻ ،الطاف سولنگي،فاروق گهانگهرو آزاد ابراهيم راڄپر ماجد ميمڻ رياض راجپوت ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز ضلعي جي پوليس شهيد صحافي جو ڪيس هٿ سان وڃائي رهي آهي.

10 ڏينهن گزري وڃڻ باوجود نه پوسٽ مارٽم رپورٽ ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ نه وري شهيد صحافي جي وارثن کي سنڌ حڪومت هن وقت تائين معاوضي ڏيڻ جو اعلان نه ڪيو آهي. هنن چيو ته جانچ ٽيم ۾ شامل ايس ايس پي نوشهروفيروز فاروق احمد تي اعتراض سبب سندس نالو ٽيم مان ڪڍي جانچ جو سربراهه ايس ايس نواب شاهه تنوير احمد تنيو کي ڪيو ويو.

ان باوجود ايس ايس پي نوشهروفيروز پنهنجي سيٽ تي ويٺو آهي جنهن جي موجودگي ۾ انصاف جي اميد ناهي ان موقعي تي ايس ايس پي فاروق احمد 3 ڪلاڪن جي صحافين جي هنيل ڌرڻي سبب پنهنجي آفيس ۾ موجود رهيو پر هو ٻاهر نڪري صحافين سان ملڻ نه آيو.

هن ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز کي موڪلي صحافين سان ملڻ چاهيو پر صحافين ان سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته 9 مارچ تائين اصل قاتل گرفتار ڪري ظاهر نه ڪيا ويا ته وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.