نواز شريف پاڪستان واپس نه آيو ته اشتهاري قرار ڏنو ويندو: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف جيڪڏهن پاڪستان نه آيو ته ان کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي پليٽ ليٽس ۾ گهٽ وڌائي ميڊيا جي زينت بڻيل رهي، نواز شريف جي سرجري جي حوالي سان ميڊيا ۾ ڪا به خبر ناهي آئي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته علاج ڪرائڻ بدران هوٽلن ۾ دعوتون ڪيون پيون وڃن، نواز شريف جي جتي سرجري ٿيڻي آهي اتي ميڊيا کي پهچ ڏني وڃي. ميڊيڪل رپورٽ ڏيندا ته رليف ملندو، جيڪڏهن انهيءَ طرح ورغلائيندا ته پوءِ قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو. ميڊيڪل بورڊ ۾ پرائيويٽ ڊاڪٽرز به شامل هئا، انساني همدردي ناطي سهولتڪاري ڪري رهيا هئاسين، پاڪستان ۾ ابهام اٿاريو ويو ته لنڊن ۾ ڪجهه ٻيون حقيقتون آهن، قانون موجب رليف ڏنو جڏهن رپورٽ ناهي ڏني وئي ته رليف واپس ورتو ويو.