ڪورونا وائرس سبب اولمپڪس جا مقابلا ملتوي ٿيڻ جو امڪان

news

ٽوڪيو: (اربع 26 فيبروري 2020ع)  جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو ۾ 24 جولاءِ 2020 کان شروع ٿيندڙ اولمپڪس جا مقابلا ڪورونا وائرس جي ڪري ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عالمي اولمپڪ ڪميٽي(آءِ او سي) جي سينئر ميمبرن بيان جاري ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽوڪيو ۾ ٿيندڙ اولمپڪس مقابلن ۾ ڪورونا وائرس جي خطرن جو وڌيڪ شڪ هوندو ته مقابلا جڳهه تبديل ڪرڻ جي بجاءِ ملتوي ڪيا ويندا.

ڪميٽي جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي خطري جي ڪري اولمپڪس مقابلا ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ موبائل انڊسٽري جي دنيا جو سڀني کان وڏو ميلو موبائل ورلڊ ڪانگريس(ايم ڊبلو سي) 2020 ڪورونا وائرس جي خوف سبب ملتوي ڪيو ويو هو.

موبائل ورلڊ ڪانگريس 2020 جو منعقد 24 کان 27 فيبروري اسپين جي شهر بارسلونا ۾ ٿيڻو هو جنهن ۾ سڄي دنيا مان اسمارٽ فون ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي شرڪت ڪرڻي هئي پر اهو به ڪورونا وائرس جي ڪري نه ٿي سگهيو.