وسيم اڪرم به پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب تي ٿيندڙ تنقيد کان تنگ ٿي ويو

news

ڪراچي: (اربع 26 فيبروري 2020ع) اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم به پاڪستان سپر ليگ 5 جي افتتاحي تقريب تي تنقيد کان تنگ ٿي ويو آهي.

وسيم اڪرم پاڪسان سپرليگ 5 جي افتتاحي تقريب تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو افتتاحي تقريب ٿي. غلطيون ٿيون آهن جيڪي ٿي ويون، هاڻ اڳيان وڌڻ گهرجي.

هن چيو ته افتتاحي تقريب ۾ ننڍيون وڏيون غلطيون ٿينديون آهن پر مثبت پهلو به آهن ان تي به ڳالهيون ڪيون وڃن. اڳوڻي ڪپتان چيو ته اسان کي هر معاملي کي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي پنجين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب تي مداحن مايوسي جو اظهار ڪيو هو.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي به پي ايس ايل 5 جي افتتاحي تقريب ۾ مداحن مختلف غلطين جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ ايتري وڏي ايونٽ جي افتتاح جي تقريب ۾ ميزبان ۽ فنڪارن جي پوري تياري سان گڏ نه اچڻ تي تنقيد ڪئي هئي.

پاڪستان سپر ليگ جي تقريب جي ميزباني ڪندڙ احمد گوڊيل کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو جنهن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احمد گوڊيل کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو هو.