پي ايس ايل: عمر اڪمل کان پي سي بي چيڪ واپس گهري ورتو

news

ڪراچي: (خميس 27 فيبروري 2020ع) پي ايس ايل 5 ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن کي 70 سيڪڙو معاوضو ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت معطل عمر اڪمل کان بورڊ چيڪ واپس گهري ورتو آهي.

پاڪستان سپر ليگ پرڏيهي رانديگرن ۾ ان لاءِ به مشهور آهي ته ڪڏهن معاوضن جي معاملي ۾ دير ناهي ڪئي وئي. هن ڀيري به سڀني کي معاهدي تحت 70 سيڪڙو رقم ڏني وئي. طئي ٿيل طريقيڪار تحت  پي سي بي ادائيگيون ڪندو آهي جنهن کان پوءِ فرنچائزز جي روينيو شيئر  مان اها ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. هڪ رانديگر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته 70 سيڪڙو رقم جو چيڪ اسان کي ملي چڪو آهي  جڏهن ته بقايا 30 سيڪڙو رقم ايونٽ کان پوءِ ملندي.

هن چيو ته پي ايس ايل جو پنجون ايڊيشن آهي ۽ هينئر تائين ڪڏهن به  ائين ناهي ٿيو جو ڪنهن رانديگر کي معاوضي جي ادائگي ۾ دير ٿي هجي. ان لاءِ پرڏيهي رانديگر ان ۾ شرڪت کي ترجيح ڏيندا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته هن ڀيري ڇو ته مڪمل ليگ پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي ان لاءِ مقامي رانديگرن کي ڊالرن جي بجاءِ روپين ۾ ادائيگي ڪئي ويندي.

پرڏيهي رانديگرن سان معاهدو ڊالرن ۾ ٿيو ان ڪري ڊرافٽ جي ڏينهن واري ڊالر ريٽ جي مناسبت سان رقم ڏني وئي.  ٻئي طرف پي ايس ايل 5 جي شروعات کان اڳ اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي معطل ٿيل عمر اڪمل جو چيڪ روڪيو ويو.

ان حوالي سان رابطي تي پي سي بي جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي رانديگر جي رقم روڪي وئي آهي جيڪڏهن هن کي پهريان ئي معاوضو ملي چڪو آهي ته اسان واپسي جو چئي سگهون ٿا. هر معاهدي ۾ اها شق به شامل هوندي آهي.