ارڙنهن فٽ ڊگهي، پنج ڪلو وزني ازدها جي پيٽ مان ٽوال ڪڍيو ويو

news

سڊني: (خميس 27 فيبروري 2020ع) 17 فٽ ڊگهو ۽ 5 ڪلو وزني ازدها  بک سبب ٽوال ڳهي ويو، جنهن کي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ٻاهر ڪڍي ورتو.

ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا جي رياست نيوسائوٿ ويلز ۾ هڪ عورت پنهنجي پالتو ازدها کي کڻي جانورن جي اسپتال پهتي ۽ ٻڌايو ته ازدها جو پيٽ ڪجهه ڏينهن کان غير معمولي نظر اچي رهيو آهي ۽ هي سست به ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽرن چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ته هن ازدها جي پيٽ ۾ ڪپڙو آهي جنهن کان پوءِ ان جو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن آپريشن کان اڳ ازدها کي بيهوش ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪئي. آپريشن دوران عورت به اتي ئي موجود رهي.