نئين دهلي ۾ مسلمانن خلاف وڳوڙ ۾ فوتين جو انگ چوٽيهه ٿي ويو، ٻه سئو کان وڌيڪ زخمي

news

نئين دهلي: (خميس 27 فيبروري 2020ع) نئين دهلي ۾ مسلمانن خلاف وڳوڙ ۾ مارجي ويلن جو انگ 34 ٿي ويو آهي. 200 کان وڌيڪ زخمي آهن. ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

اسپتال انتظاميه فوتين جي انگ ۾ واڌ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. نئين دهلي ۾ وڳوڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج جي رات وچ ۾ بدلي ڪئي وئي. رپورٽ موجب دهلي ۾ وڳوڙن  کان پوءِ هر طرف تباهي جا منظر آهن. مسلم علائقن ۾ تباهه ٿيل ۽ خالي گهر ظلم جون مختلف  داستانون ٻڌائي رهيا آهن. دهلي وڳوڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج رات وچ ۾ بدلي ڪيو ويو.

جسٽس مورالي دهر کي پنجاب هاءِ ڪورٽ موڪليو ويو. وڳوڙن ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال انتظاميه فوتين جي انگ ۾ واڌ جا امڪان ظاهر ڪيا آهن. مودي جي صلاحڪار اجيت دوول پاران متاثر علائقن جي دوري کان پوءِ حالتون وڌيڪ ڇڪتاڻ واريون ٿي ويون. اتر، اوڀر دهلي جي علائقن بهجن پوره، موج پور، ڪروال نگر ۾ وڌيڪ وڳوڙ ٿيا.

پوليس 18 رپورٽون داخل ڪري هينئر تائين 106 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ڪانگريس اڳواڻ سونيا گاندهي گهرو وزير اميت شاهه کي ذميوار قرار ڏيندي ان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. نوجوان ڪيترين ئي راتين کان گهٽين جي ٻاهران پهرو ڏئي رهيا آهن.

عورتون به پنهنجيون حياتيون بچائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي راتين کان جاڳي رهيون آهن. هوڏانهن براهم پوري جي علائقي ۾ سوين فسادين نوجوان جا هٿ پير ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بنايو. ڀارتي پوليس روڊ تي لڳل ڪيمرا به ڀڃي ڇڏيا پر ان باوجود مذڪوره تشدد جا فوٽيج سامهون اچي ويا آهن.