سگريٽ پيئندڙن کي به ڪورونا وائرس متاثر ڪري سگهي ٿو: طبي ماهر

news

ڪراچي: (خميس 27 فيبروري 2020ع) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو سگريٽ پيئندا آهن ڪورونا وائرس انهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.

ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال جي ماهر انفيڪشن ڊاڪٽر فيصل محمود چيو آهي ته ماڻهن کي گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ڪورونا وائرس مان سٺي صحت رکندڙ شخص کي ڪجهه به ناهي ٿيندو. جن جا ڦڦڙ ڪمزور هجن يا قوت مدافعت گهٽ هجي ته وائرس ان کي  وڌيڪ متاثر ڪندو آهي.

جيڪي سگريٽ پيئندا آهن ڪورونا وائرس  انهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر فيصل محمود چيو آهي ته صحتمند ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي ضرورت  ناهي پر حفاظتي تدبيرن جي طور تي پاڻي جو استعمال وڌ کان وڌ ڪيو وڃي.

هن ٻڌايو ته جن جي عمر 40 کان گهٽ هجي ڪورونا وائرس سبب ان  جي فوت ٿيڻ جا امڪان  نه هجڻ جي برابر آهن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ عوامي آگاهي ۽ ڄاڻ جي لاءِ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه مختلف اسپتالن ۾ آنسوليشن وارڊ به ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪنٽرول روم به قائم ڪيا ويا آهن.