پي ايس ايل جي ميچن سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي: عماد وسيم

news

ملتان: (خميس 27 فيبروري 2020ع) ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو آهي ته پاڪستان سپرليگ جي ميچن سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو ته ملتان ۾ ٽي 20 کيڏي چڪو آهيان. ملتان جو ڪرائوڊ تمام گهڻو پرجوش هوندو آهي جڏهن ته ڊي ٽائم ۾ وڪيٽ مختلف هوندي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي وڏو اسڪور ڪنداسين.

عماد وسيم چيو ته ملتان جي ٽيم تمام سٺي آهي پر ڪابه ٽيم فيورٽ ناهي. ڪهڙي ٽيم گرائونڊ ۾ لاهڻي آهي. وڪيٽ ڏسڻ کان پوءِ فيصلو ڪنداسين. ڪراچي ڪنگز کي شوقينن جي سپورٽ آهي. پهرين ميچ جيان 200 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل ميچ سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.

عامر يامين باصلاحيت رانديگر آهي هو جلد قومي ٽيم ۾ ٻيهر جڳهه ٺاهي وٺندو. اسان جي ٽيم ۾ پروفيشنل رانديگر آهن اسان مٿان ڪوبه پريشر ناهي.