آءِ ايم ايف مشن پاران پاڪستان کي پنجتاليهه ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش

news

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون.

آءِ ايم ايف مشن پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. عالمي مالياتي فنڊ جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب قسط جاري ڪرڻ جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.

پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس اپريل جي شروع ۾ متوقع آهي.

ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو جائزه مشن هلندڙ مهيني پاڪستان جي دوري ته هو ۽ ان دوران وفد اعليٰ اختيارين ڳالهيون ڪيون هيون.