وزيراعظم جي امير قطر سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

news

دوحه: وزيراعظم عمران خان جي قطر جي امير سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان قطر جي ديوان اميري ۾ ملاقات ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ اوورسيز جو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري به وزيراعظم سان گڏ آهن.

ديوان اميري آمد تي قطر جي امير وزيراعظم ۽ ان جي وفد جو ڀليڪار ڪيو.