سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا ٻئين مارچ تي کوليا ويندا: سعيد غني

news

ڪراچي: (جمعو 28  فيبروري 2020ع) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا 2 مارچ سومر جي ڏينهن کوليا ويندا. 

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ هڪ شخص ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ سنڌ حڪومت سڄي صوبي جا تعليمي ادارا 27 ۽ 28 فيبروري تي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو پر گذريل ڏينهن صوبائي حڪومت طرفان هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن  جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻ سمورا تعليمي ادارا 2 مارچ سومر تائين بند رهندا. پر هاڻ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  صوبي جا سمورا تعليمي ادارا 2 مارچ سومر جي ڏينهن کان کوليا ويندا.

تعليم جي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾  يونيورسٽين، ڪاليجن ۽  اسڪولن جي سيڪريٽري سميت ڊي جي پرائيويٽ اسڪول، ايڊيشنل سيڪريٽري سميت ضلعي جي تعليمي آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا سومر 2 مارچ تي کوليا ويندا. سمورن تعليمي ادارن ۾ احتياطي تدبيرن جا بينر لڳايا ويندا.

سعيد غني چيو ته اسڪول ٻن ڏينهن جي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو ويو. اسڪولن جي ٻارن کي هٿ ڌوئڻ ۽ صفائي بابت آگاهي ڏني ويندي. سمورن هيڊ ماسٽرن، پرنسپل، ضلعي جي هيلٿ آفيسرن سان رابطي ۾  رهنداسين. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ايران کان ايندڙن جو انگ 600 ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 1400 آهي. ايران مان ايندڙ سمورن ماڻهن جو  رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي.

هن  چيو ته متاثر شاگرد جي وارثن ۽ 14 دوستن جا به ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون بنا ڪنهن تصديق جي نه ڦهلايو وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به شاگرد سان شڪايت تي فوري طور تي ضلعي هيلٿ انتظاميه کي آگاهه ڪيو وڃي. شاگرد کي نزلو، زڪام جي شڪايت هجڻ تي کيس موڪل ڏئي علاج ڪرايو وڃي.