ڪورونا کان متاثر ڪراچيءَ جي شهري جي طبيعت سڌرڻ لڳي

news

ڪراچي: ڪورونا وائرس ۾ مبتلا شهريءَ جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

صحت جي عملدارن موجب ڪورونا وائرس جي شڪار ڪراچي جي شهري جو طبي معائنو ڪيو ويو جنهن ۾ مريض جي صحت ۾ بهتري نظر آئي.

عملدارن ٻڌايو ته متاثر مريض کي اڄ پاڪستان ايندي 8 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، مريض جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي ۽ هو ٺيڪ ٿي رهيو آهي.

عملدارن جو چوڻ هو ته قرنطينه جو وقت مڪمل ٿيڻ بعد متاثر ماڻهوءَ کي گهر موڪليو ويندو.

ياد رهي ته 20 فيبروري تي ايران کان ڪراچي آيل شهري ۾ 26 فيبروري تي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي هئي جنهن کانپوءِ هن کي خانگي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو.

وائرس جي پيش نظر متاثر ماڻهوءَ جي ڪٽنب کي پڻ نگراني هيٺ رکيو ويو ۽ پوءِ سموري ڪٽنب جي ٽيسٽ منفي اچڻ بعد کين گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.