زوهاب خان جو ساٿي اداڪاره ساره خان جي لاءِ گيت جو تحفو

news

ڪراچي: (جمعو 28  فيبروري 2020ع) ڪيترن ئي پاڪستاني ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪاره ساره خان جا ڪيترائي مداح آهن ان مان ئي هڪ مشهور چائلڊ اسٽار زوهاب خان به هڪ آهي. 

زوهاب علي خان ننڍپڻ کان ئي پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل آهي ۽ تازو ئي ان جو هڪ ٻيو ٽيلنٽ به سامهون اچي ويو آهي. نوجوان اداڪار زوهاب خان پنهنجي پسنديده اداڪاره ساره خان جي لاءِ ريپ(گيت جو قسم) لکيو آهي.

ان ريپ گيت جي وڊيو اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو آهي ته هن نوجوان ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي. مهرباني هي مون کي تمام گهڻو سٺو لڳو. سوشل ميڊيا تي زوهاب خان جي ڪاوش جي تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان گڏ ئي نوجوان اداڪار جي ٽيلنٽ جي به تعريف ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته زوهاب خان اداڪاره ساره خان جو وڏو مداح آهي ۽ تازو ئي هو ساره خان سان گڏ هڪ  ڊرامي ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي.