مشتاق مهر نئون آءِ جي سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

news

اسلام آباد: وفاقي حڪومت انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس سنڌ ڪليم امام جي جڳهه تي مشتاق مهر کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن مان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 22 جي پوليس آفيسر مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ بڻايو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مشتاق مهر هن وقت پاڪستان ريلوي پوليس ۾ انسپيڪٽر جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي صوبائي پوليس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نفاذ فوري طور تي ٿيندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي سمري جي منظوري ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت گريڊ 22 جي هڪ ۽ 21 جي 4 نالن جي سمري موڪلي هئي، جن ۾ گريڊ 22 جي مشتاق مهر ۽ گريڊ 21 جي غلام قادر ٿيٻو جا نالا شامل هئا.

ذريعن موجب گريڊ 21 جي ڪامران فضل، ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا به سمري ۾ شامل هئا، جڏهن ته وفاقي ڪابينا مشتاق مهر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.