نئين دهلي ۾ وڳوڙ: نالن مان وڌيڪ چار لاشون هٿ، مارجي ويلن جو انگ ڇائيتاليهه ٿي ويو

news

نئين دهلي: (سومر 02 مارچ 2020ع)  ڀارتي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ وڳوڙن مان متاثر علائقن گوڪل  پوري، شيوويهاڙ جي نالن مان وڌيڪ 4 ڄڻن جون لاشون مليون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 46 ٿي ويو آهي.

ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري قانون جي خلاف نئين دهلي ۾ ٿيندڙ احتجاج مٿان گذريل هفتي پوليس ۽ بي جي پي جي غنڊن حملو ڪيو جنهن کان پوءِ گادي واري شهر جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ هندو مسلم وڳوڙ شروع ٿي ويا جن ۾ مسلمانن جي ملڪيتن سميت مسجدن کي نشانو بنايو ويو جڏهن ته مسلمانن کي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ کين قتل ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي جي اولهه، ڏکڻ، اوڀر وارن علائقن ۽ ڀرپاسي ۾  وڌيڪ تشدد وارن واقعن جي شروع ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ افراتفري مچي وئي جنهن کان پوءِ بازار بند جڏهن ته دهلي ميٽرو بس سروس 7 ميٽرو اسٽيشنن جي سروس بند ڪري ڇڏي. دهلي پوليس وڳوڙن جي خبرن کي افواهه قرار ڏيندي ماڻهن کي امن برقرار رکڻ ۽ ڪنهن  به افواهه تي ڌيان نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڀارتي پوليس افواهون ڦهلائيندڙن جي الزام ۾ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن شاهين باغ ۾ تڪراري شهريت واري قانون جي خلاف احتجاج جاري آهي ۽ اتي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي. حڪومت هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين جي آڙ ۾ شهريت جي ڪاري قانون جي خلاف احتجاج ڪندڙن کي قلم 144 لاڳو ڪري روڪي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي ڀارتي رياست اوڀر بنگال جي وڏي وزير ممتا بنرجي به نئين دهلي وڳوڙن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مان نئين دهلي وڳوڙن تي ڏک ۾ ورتل ۽ پريشان آهيان. هن وڌيڪ چيو ته نئين دهلي وڳوڙ سوچيل سمجهيل سازش لڳي رهي آهي ڇو ته نئين دهلي ۾ چڙ ڏياريندڙ نعرا لڳائيندڙ بي جي پي جي اڳواڻن کي گرفتار نه ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڪلڪته ۾ گذريل رات چڙ ڏياريندڙ نعرا هڻندڙ بي جي پي جي 3 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.