ڪراچي جي نجي اسڪولن سرڪاري حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، ڪيترائي اسڪول کليل

news

ڪراچي:  ڪراچي جي نجي اسڪولن سرڪاري حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، ڪراچي جي ضلع اوڀر جي سنڌي وسندين وزير بروھي ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، نور خان ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، جمال پاڙو، سائينداد ڳوٺ سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي اسڪول کليل رھيا،

وزير بروھي ڳوٺ ۾ خورشيد جھان پبلڪ اسڪول کليل رھيو، جڏھن گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي ٽيم اسڪول پھتي ۽ اسڪول انتظاميا کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اسڪول جي پرنسپل ميڊم رابعيه چيو تہ ھي اسڪول پرائيوٽ آھي،

ھي سرڪاري اسڪول ناھي جو اسان بند رکون اوھان ڪير ٿيندا آھيو پڇڻ وارا، صحافين پاران جڏھن سنڌ گورمينٽ جو نوفيڪيشن ڏيکاريو ويو تہ ان تي ميڊم رابعيه چيو تہ ھي صرف نوٽيفيڪشن آھي ۽ نہ ڪي حڪم نامو آھي، ٻئي طرف اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙھائڻ لاء ايندڙ ماسترياڻين جو چوڻ ھو تہ انھن کي اھا خبر ھئي تہ اڄ سنڌ حڪومت طرفان موڪل آھي پر اسڪول انتظاميا طرفان زبردستي گھرائي تدرسي عمل جاري رکڻ جو چيو ويو،

ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪولن کي جاري ڪيل نوٽيفيڪشن سبب سرڪاري ادارا بند رھيا،

ٻئي طرف گلشن حديد ۾ الشمس پبلڪ اسڪول، انڊس پبلڪ اسڪول، مھراڻ پبلڪ اسڪول، روشن تارا اسڪول، الائزم اسڪول، ابدالين اسڪول، دي اچيورس اسڪول، سٽي اسڪول سميت ڪيترائي اسڪول کليل رھيا، والدين سنڌ حڪومت کان نجي اسڪول انتظاميه خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي.