ڪورونا وائرس جو ڊپ: جرمني جي گهرو وزير چانسلر اينجلا سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

جرمني: (اڱارو03 مارچ 2020ع)  موذي ڪورونا وائرس جي ڊپ ۾ مبتلا جرمني جي گهرو وزير هورسٽ سي هوفر جرمن چانسلر اينجلا مرڪل سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي خدشي سبب حفاظتي قدمن جي تحت مختلف ملڪن جي اختيارين هدايت ڪئي آهي ته هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائي ملڻ کان احتياط  ڪيو وڃي.

اهوئي سبب آهي ته جرمن چانسلر اينجلا مرڪل پنهنجي گهرو وزير سان هٿ ملائڻ جي لاءِ هٿ وڌايو ته وزير هٿ نه ملايو ۽ صرف کيس کلي ڏٺو.

ان دوران جرمن چانسلر به خوشگوار انداز ۾ کلي ڏنو  هن کي خبر هئي ته ڪورونا جي ڊپ وزير صاحب کي محتاط ڪري رکيو آهي. واضح رهي ته جرمني ۾ به ڪورونا وائرس جي 5 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي وائرس جي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششون جاري آهن.

چين مان پکڙجندڙ ڪورونا وائرس مان آمريڪا ۽ ايران سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ 157 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سوين ماڻهن ۾ هن وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.