گڏيل قومن تڪراري شهريت واري بل خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

news

نئين دهلي: (اڱارو03 مارچ 2020ع)  گڏيل قومن جي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر مچل بچليٽ تڪراري شهريت واري بل خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن جي آفيس جنيوا ۾ ڀارتي اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ مچل بجليٽ تڪراري شهريت واري بل جي خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي وزارت  طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهريت وارو بل اسان جو اندروني معاملو آهي جنهن تي پرڏيهي اداري کي اعتراض يا درخواست داخل ڪرڻ جو آئيني اختيار حاصل ناهي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ هر فيصلو ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهي.

ياد رهي ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪائونسل جي 43هين اجلاس کي خطاب ڪندي سربراهه مچل بچليٽ تڪراري بل تي پنهنجن تحفظات جو کلي طريقي سان اظهار ڪيو هو جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به شهريت واري بل سان مسلمان شهرين کي بي گهر ۽ بي رياست هجڻ جي خدشي جو اظهار ڪيو هو.