مھراڻ يونيورسٽي جي شاگرد شايان شاهه جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف جساف جسقم سڪرنڊ پاران احتجاج

news

سڪرنڊ: مھراڻ يونيورسٽي جي شاگرد  شايان شاهه  جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف جساف جسقم سڪرنڊ پاران مهراڻ_يونيورسٽي ٽرانسپورٽ انتظاميه جي غفلت سبب شاگرد سيد شايان شاھ جي بيگناهه موت واري واقعي خلاف  تعلقي صدر جيئمسٽ مسعود شاهه ،جساف اڳواڻ ڊاڪٽر سيف بلوچ، غوث ڪيريو، خير محمد لاکو ،برڪت جلباڻي ،قاسم سومرو ،محب رند،صابر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شهيد بشير خان قريشي چوڪ کان ريلي ڪڍي صحافي چوڪ تائين مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي يونيورسٽي انتظاميا خلاف شاگردن سان ناروا سلوڪ، ناانصافين ۽ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته شاگرد جي واقعي ۾ ملوث ماڻھن خلاف قدم کڻي سندس وارثن کي انصاف ڏنو وڃي.