نوابشاهه ۾ پورهيت جي زال ۽ هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش، اسپتال داخل

news

نوابشاهه: رت جي رشتن جي غمين خوشين ۾ شريڪ نٿا ٿي سگهون ته زندگي ڪهڙي ڪم جي ڀريا روڊ پورهيت جي نوجوان زال هڪ نياڻي ۽ ٻن پُٽن سميت ڪارو پٿر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ڳنڀير حالت ۾ پي ايم يو اسپتال داخل وارڊ جي ڊاڪٽر پاران سنڌ حڪومت کان ڪاري پٿر جي وڪري تي پابندي جو مطالبو

خبر موجب ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر ڀريا روڊ ۾ ريڙهي تي چانور ۽ ڇولا رکي وڪرو ڪندڙ پورهيت ساجد ملڪ چوهاڻ جي 35 ورهين جي جوان جماڻ زال مسمات پروين  ملڪ پنهنجي ٽن ٻارن اٺن ورهين جي موعين، ڇهن ورهين جي محسن ۽ ڇهن ورهين جي نياڻي ماهين کي ڪارو پٿر پياري ۽ پاڻ به ڪارو پٿر پي غربت ۽ لاچاري کان بيزار ٿي خود ڪشي جي ڪوشش ڪئي پر کين فوري طور تي ڀريا روڊ مان نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن فوري طور تي سندن علاج ڪري زندگيون بچائي ورتيون آهن.

پر آخري اطلاعن تائين عورت پروين، محسن ۽ ننڍڙي ماهين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ڊاڪٽر انهن جي حياتي بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهيا آهن انهي موقعي تي بيوسي جا لُڙڪ لاڙيندڙ پورهيت ساجد علي ملڪ چوهاڻ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مان پنهنجي ڪُٽنب جو واحد ڪفيل آهيان سڄو ڏينهن مسواڙ تي ورتل ريڙهي تي چانورن جو ديگڙو ۽ ڇولا رکي وڪرو ڪندو آهيان ۽ جيڪو روزانو 4 کان 500 روپيا ڪمائيندو آهيان انهي مان ٻچن جي پالنا، گهر جي مسواڙ ٻارن جي تعليم سڀ خرچ ڪندو آهيان منهنجي ٻن سالين صوبيا ۽ شازيه جي ڇنڇر جي ڏينهن سکر ۾ شادي رٿيل هئي منهنجي زال پروين مونکي بار بار ڀينرن جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چوندي رهي.

پر غربت ۽ افلاس سبب شادي ۾ نه وڃي سگهياسين جنهن جو منهنجي زال پروين کي حد کان وڌيڪ صدمو ۽ ڏُک پهتو گذريل ڏينهن مان جيئن صبح جو روزي لاءِ نڪتس ۽ منجهد جو 1 وڳي روزي ڪري واپس گهر پئي آيس ته رستي ۾ ماڻهن ٻڌايو ته منهنجي زال ۽ ٻارن جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي پاڻ سنڀالي گهر پهتس زال ۽ ٻارن کي کڻائي ڀريا اسپتال پهچايو ڊاڪٽرن سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ سبب مريضن کي فوري طور تي نوابشاهه کڻائي وڃڻ جو چيو هن چيو ته موجوده حد کان وڌيڪ مهانگائي سبب ٻچن جو پيٽ پالڻ به محال ٿي ويو آهي حڪومتن ۽ حڪمرانن کي غريبن ۽ لاچارن جو ڪو به احساس نه آهي.

ٻئي طرف آئي سي يو وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪارو پٿر واپرائي خود ڪشي ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن رڳو اسان وٽ پي ايم يو اسپتال ۾ گذريل ڏهن سالن دوران ڪارو پٿر واپرائيندڙ چار هزار مريض داخل ٿيا جن مان 800 مريض فوت ٿي ويا هن چيو ته اسان بينظير آباد نوابشاهه جي انتظاميه کي گذارش ڪئي ته شهر مان ڪاري پٿر جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ هاڻ نوابشاهه ۾ ڪاري پٿر جو وڪرو بند آهي پر اڃا به ضلعي نوشهرو فيروز، دادو ۽ ٻين علائقن جا ڪارو پٿر پيتل مريض اسان وٽ اچن ٿا.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سڄي صوبي ۾ ڪاري پٿر جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو صرف ميندي ۾ رنگ ڪارو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.