مردان ۾ برساتن سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، ٽي معصوم ٻار دٻچي فوت

news

مردان: (خميس 05  مارچ 2020ع)   مردان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. افسوسناڪ واقعو تعلقي تخت بهائي جي علائقي سرور آباد جلاله ۾ پيش آيو.

برسات سبب غريب ڊرائيور دوست محمد جي گهر جي زبون حال ڇت ڪري پئي. ملبي هيٺيان 8 ڄڻا دٻجي ويا جنهن جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم 5 ڄڻن کي ملبي مان زنده ڪڍيو. جڏهن ته 3 معصوم ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

فوت ٿيندڙن ۾ 8 ساله فائزه، 4 ساله ثنا جڏهن ته هڪ کير پياڪ ٻار وقاص شامل آهي. ريسڪيو جي ميڊيڪل ٽين زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيندي تخت بهائي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. زخمين ۾ 12 ساله نعمت، 7 ساله صبا، 2 ساله آسمه ۽ 6 ساله عباس شامل آهن.