طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ڳالهيون ڪير ڪرائيندو

news

آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ٿيندڙ امن معاهدي کانپوءِ ڏهاڪن کان جاري جنگ کان تنگ افغان عوام سوشل ميڊيا تي جشن ملهائيندي نظر آيو پر هنن جي اهڙي خوشي قائم نه رهي سگهي، بي يقيني ۽ خوف وري موٽي آيو.

افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ انساني حقن جي ڪارڪن شبنم حسن چيو ته افغان عوام جي حوالي سان پراميد ته هاڻ به آهن، پر جڏهن ملڪ جي مختلف صوبن کان اهي خبرون اچڻ لڳيون ته طالبان ويڙهه جو وقفو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ئي عام ماڻهن کي گاڏين مان لاهي گوليون هڻڻ شروع ڪيون آهن جنهن سان هڪ دفعو ٻيهر شڪ،گمان ۽ خوف پيدا ٿي پيا آهن.

ڪابل جي مقامي صحافي محفوظ زبيدي موجب آمريڪا جي افغانستان مان نڪري وڃڻ ۽ طالبان جي آمريڪي قربت حاصل ڪرڻ تي هن وقت افغانستان ۾ خوف جي لهر موجود آهي، ڇو ته طالبان منڍ کان ئي صدر اشرف غني کي ملڪ جو جائز حڪمران تسليم نٿا ڪن.

افغانستان ۾ غيريقيني جهڙي صوتحال تي تبصرو ڪندي شبنم حسن جو چوڻ آهي ته عورتن ۾ اهو خوف موجود آهي ته جيڪڏهن طالبان اقتدار تي اچي ويا ته پوءِ هو ان قسم جون پابنديون مڙهي سگهن ٿا، جنهن سان سندن تعليم حاصل ڪرڻ، نوڪري ڪرڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو.

هوءَ سمجهي ٿي ته جڏهن ڳالهيون شروع ٿينديون ته افغان حڪومت اهو شرط رکندي ته عورتن کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان جيڪا ترقي نصيب ٿي آهي ان کي واپس نه ڪيو ويندو.

صحافي محفوظ زبيدي موجب هن وقت افغانستان حڪومت ۾ به اختلاف راءِ موجود آهي ۽ صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله هڪ صفحي تي نظر نٿا اچن.

هن موجب عبدالله عبدالله اڃان تائين صدارتي چونڊن جي نتيجن کي ئي تسليم ناهي ڪيو.

تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته بين الافغان ڳالهين جا آثار ڪي چڱا نظر نٿا اچن، امن معاهدي جي تناظر ۾ هن جو چوڻ هو ته صدر اشرف غني پاران قيدين کي آزاد نه ڪرڻ کانپوءِ طالبان سيز فائر ختم ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن انهن حملن ۾ تيزي ٿي اچي ته پوءِ حالتون تبديل به ٿي سگهن ٿيون.

هن جو چوڻ هو ته افغان حڪومت ۾ نائب صدر امر صالح جهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي شروع کان ئي آمريڪا طالبان جي امن معاهدي جا مخالف آهن.

ان سوال ته ڳالهيون ڪيئن ممڪن ٿي سگهن ٿيون ته هن جو جواب هو هي مشڪل ۽ صبر وارو ڊگهو مرحلو هوندو.

ڪابل ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ شبنم حسن جي خيال ۾ جيڪڏهن طالبا چاهين ته ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون، هن جي خيال ۾ طالبان کي افغان حڪومت تسليم ڪرڻي پوندي، ڇو ته هو اڃان ان کي هڪ ادارو ٿا سجهن پر افغان عوام انکي هڪ سسٽم ٿو تسليم ڪري.

زاهد جي خيال ۾ افغان حڪومت کي آمريڪا ۽ طالبان ڳالهين کان پري رکيو آهي جنهن سان طالبان کي هڪ بالادستي حاصل ٿي آهي.

خاص طور تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران طالبان جي اڳواڻ ملا برادران کي فون ڪرڻ سان افغانستان اندر پريشاني ۽ ڳڻتيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان جي ڪري به ته هاڻ طالبان کي “ ليجٽميسي” يعني قانوني حيثيت ملي وئي آهي.

افغان حڪومت قيدي آزاد ڪرڻ تي راضي ڇو ناهي؟

محفوظ زبيدي موجب افغان حڪومت کي اهو ڊپ آهي ته جيڪڏهن انهن قدين کي آزاد ڪيو ويو ته هي ٻيهر طالبان جي صفن ۾ شامل ٿي افغان فورسز خلاف وڙهڻ شروع ڪندا.

خاهد حسين جي خيال ۾ صدر اشرف غني امن معاهدي کانپوءِ پنهنجي اٿارٽي ڏيکارڻ ٿو چاهي، هو اهو ان وقت به ڪري چڪو آهي جڏهن امريڪا ۽ طالبان ۾ ڪجهه قيدين جي ڏي وٺ بابت معاهدو ٿيو هو، البت بعد ۾ افغان حڪومت آمريڪا جي چوڻ تي طالبان قيدين کي آزاد به ڪيو هو.

هن جي خيال ۾ اڃان اهو ممڪن آهي ته آمريڪي دٻاءَ ۾ اچي صدر اشرف غني امن معاهدي موجب طالبان جي قيدين کي آزاد ڪري.

شبنم حسن موجب افغان حڪومت ڪجهه قيدين کي آزاد ڪري ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي غور ڪري سگهي ٿي، باقي ڳالهين ۾ بغير ڪنهن اڳڀرائي جي هڪ دفعو ئي سمورن قيدين کي آزاد نه ڪندي.

گذريل ڏينهن افغانستان جي صدر اشرف غني ننگرهار ۾ هڪ تقرير دوران طالبان کي ڳالهين جي پيشڪش ورجائيندي چيو آهي ته هو جيڪڏهن پرڏيهي قوتن سان معاهده ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ڇا جهاد افغانستان جي عوام سان ڪندا، صحافي محفوظ زبيدي موجب ان خطاب ۾ صدر اشرف غني طالبان کي پاڪستان کان واپس افغانستان اچڻ جي پڻ دعوت ڏني آهي.

زاهد حسن جو چوڻ آهي ته صدر اشرف غني شروع کان ئي طالبان سان ڳالهين جو خواهشمند هو پر طالبان هن سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، هن جي خيال ۾ طالبان کي اهو لڳي ٿو ته آمريڪا اشرف غني کي معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ راضي ڪري وٺندو.

شبنم حسن جو چوڻ آهي ته اشرف غني جي اها تقرير تمام گهڻو اهم آهي، جنهن ۾ هن عورتن جي حقن بابت ڳالهايو آهي ۽ اها لچڪ به ڏيکاري آهي ته ڳالهين لاءِ بنيادي نقطو ڌرين پاران هڪٻئي جي شرطن جو احترام به ڪرڻ هوندو آهي.

محفوظ زبيري موجب هن وقت ڳالهين جي ٽيم تي به صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۾ سرد جنگ جاري آهي هو پنهنجي طور تي بااثر ڌرين سان رابطي ۾ آهن.

 (بي بي سي جي ٿورن سان)