عالمي فوجداري عدالت افغانستان ۾ جنگي ڏوهن جي تحقيقات جي اجازت ڏئي ڇڏي

news

پئرس: عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) افغانستان ۾ جنگي ڏوهن جي تحقيقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب دي هيگ ۾ قائم جنگي ڏوهن جي عالمي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوٽر کي اختيار آهي ته هو پهرين مئي 2003ع کان افعانستان ۾ آمريڪي فورسز سميت ٻي فورسز ۽ افغان حڪومت کي مبينا جنگي ڏوهن جي جاچ ڪرائي.

عالمي عدالت جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ذريعي ٿيندڙ ممڪنه جنگي ڏوهن سميت افغان حڪومت ۽ ٻين عسڪريت پسند گروپن جي طرفان مبينا طور تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر جي جاچ کي اڳيان وڌائڻ گهرجي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوٽر جي طرفان ڪيل شروعاتي جاچ ۾ اهڙا معقول جواز مليا آهن، جيڪي افغانستان ۾ مبينا جنگي ڏوهن جي جاچ کي اڳيان وڌائڻ تي زور ڏين ٿا.

عدالت جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان هڪ ميمبر جي حيثيت سان ڏوهن جي بين الاقوامي عدالت جي دائر اختيار ۾ اچي ٿو.

ان کان پهرين گذريل سال آءِ سي سي جي هيٺ هڪ عدالت افغانستان ۾ جنگي ڏوهن جي تحقيقات جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.