ٽنڊو ڄام: حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي روڊ پار ڪندڙ نوجوان ٽرالر ھيٺيان چيڀاٽي فوت

news

ٽنڊوڄام: حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي روڊ پار ڪندڙ نوجوان ٽرالر ھيٺيان چيڀاٽي فوت. نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي.

خبر موجب ٽنڊوڄام ويجھو چئينل موري وٽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي روڊ پار ڪندڙ 25 ساله نوجوان تيز رفتار 20 ويلر ٽرالر ھيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ڪيتري ئي دير تائين روڊ تي پيل رھيو. 

بعد ۾ راھوڪي  ٿاڻي جي پوليس پھچي نوجوان جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. جڏھن ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي.

ٻئي پاسي ٽرالر ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو، راهوڪي پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.