اسٽيج اداڪاره روپ چوڌري کي سندس مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

news

ساهيوال: (ڇنڇر 07  مارچ 2020ع) اسٽيج اداڪاره روپ چوڌري کي سندس مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فرينڊز ٿيٽر ۾ روپ چوڌري کي گوليون هڻڻ کان پوءِ سندس مڙس پاڻ کي به گوليون هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب شو جي ختم ٿيڻ کان پوءِ زال مڙس ۾ جهيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ روپ چوڌري جي مڙس فائرنگ ڪري پنهنجي ۽ اداڪاره جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

پوليس اختيارين ٿيٽر کي سيل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو ناهي ڪجهه مهينا اڳ سوات ۾ مقامي گلوڪاره ۽ ڊانس ڪندڙ ثناءَ عمر کي مبينه طور تي ان جي ڀاءُ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. ثناءُ عمر جو تعلق سوات جي علائقي مينگواره جي ڏوراهين علائقي بنڙ سان هو.

ان بابت گلوڪاره جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته گلوڪاره ثناءَ عمر محفل موسيقي ۾ پئسا ڪمائيندي هئي جنهن کان پوءِ ان جو ڀاءُ سان پئسن تي جهيڙو ٿيو هو جنهن کان پوءِ ان جي ڀاءُ ڀيڻ کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. واقعي کان پوءِ ثناءُ عمر کي سيدو شريف اسپتال منتقل ڪيو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي هئي.