بجلي وڌيڪ هڪ رپيو اٺتاليهه پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

news

اسلام آباد: بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 48 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي درخواست نيپرا کي ڏني. بجلي جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

تفصيل موجب عوام ٿي وڃي تيار ڇو ته بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 48 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي، سينٽرل پاور پرچيزنگ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي موجب جنوري ۾ پاڻي مان 11.13 سيڪڙو، ڪوئلي مان 23.09 سيڪڙو، مقامي گئس مان 21.22 سيڪڙو، جڏهن ته درآمدي ايل اين جي مان 12.29 سيڪڙو تائين بجلي پيدا ڪئي وئي. جنوري جي دوران فرنس آئل مان 10.28 سيڪڙو، ائٽمي وسيلن مان 8.74 سيڪڙو ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل مان به 0.01 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

فرنس آئل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 13 رپيا 77 پئسا في يونٽ، جڏهن ته ڊيزل مان پيدا ڪيل بجلي جي قيمت 22 رپيا 83 پئسا في يونٽ رهي. سي پي پي اي جي درخواست تي حتمي فيصلو نيپرا 25 مارچ تي ڪندي.