سڪرنڊ ۾ شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي

news

سڪرنڊ: شھيد صحافي عزيز احمد ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاريء ۽ سندس ناحق خون سان انصاف لاء سڪرنڊ پريس ڪلب پاران صدر پريس ڪلب نوابشاھ ذوالفقار خاصخيلي  صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو ۽ پي ٽي آء اڳواڻ گل محمد رند جي اڳواڻيء ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب کان صحافي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي   صدر پريس ڪلب ذوالفقار خاصخيلي چيو ته شھيد عزيز ميمڻ جي قتل تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي شھيد پنھنجا صحافتي فرض پورا ڪرڻ تي ڪن ماڻھن جي اک ۾ ڪنڊو ھو ان سلسلي ۾ ھن پنھنجي تحفظ لاء اسلام آباد تائين پڻ دانھيو ۽ ھاڻي سندس قتل کي پوليس انتظاميا طبعي موت ڄاڻائي رھي آھي جنھنجي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ـ اسين مطالبو ڪيون ٿا ته شھيد جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي .

صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو چيو ته صحافيء جي اک تمام حساس ھوندي آھي ھو جيڪو ڏسندو آھي اھو لکندو آھي شھيد عزيز ميمڻ دلير ۽ بيباڪ صحافي ھو جنھن سماج ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيو ۽ سماج جي ٺيڪيدارن ان کي شھيد ڪرائي ڇڏيو.

رياست جا ڪارندا بدمست پوليس اھلڪار جاچ کي صحيح رخ تي ھلائڻ بدران ان جي موت کي طبعي موت قرار ڏئي رھيا آھن جيڪا سراسر ناانصافي آھي اسان مطالبو ڪريون ٿا اي آء جي ولي الله دل ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان ته فورا" شھيد جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ـ پي ٽي آء اڳواڻ گل محمد رند چيو ته اھا سنڌ حڪومت جي ناڪامي آھي جو ھڪ حق سچ لکندڙ صحافيء کي شھيد ڪيو ويو آھي ۽ ان جي خون سان نا انصافي ڪري قاتلن ظاھر نه ڪري قاتلن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي.

پي ٽي آء ان عمل جي سخت مذمت ڪندي گھر ڪري ٿي ته ھڪدم قاتلن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ شھيد جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي.

ان موقعي تي محمد مراد خانزادا عبدالحميد آرائين حسين بخش ڪيريو  سينيئر صحافي فدا چانڊيو قربان عمراڻيء پڻ خطاب ڪيو ـ ڌرڻي ۾ سينيئر صحافي مسعود عمراڻي مشتاق سولنگي الھ بچايو ڀٽي سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.