لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورت ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

news

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورت گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نبي بخش داد عمراڻي ۾ 45 سالن جي عورت مسمات اشرف زال نظر محمد عمراڻي گهر اندر ڇت ۾ ڦاهو کي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

جنهن بعد گهر ڌڻين پاران عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو پوسٽ مارٽم بعد سندس لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عورت جي مڙس ٻي شادي ڪئي هئي.

جنهن تان ڪاوڙجي عورت آپگهات ڪيو آهي ٻئي پاسي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي في الحال وارث ڪو سبب ناهن ٻڌائي رهيا.