گلگت بلتستان ۾ مسافر ڪوسٽر کائي ۾ ڪرڻ سبب ويهه مسافر فوت

news

گلگت(سومر 09 مارچ 2020ع)  روندو جي ويجهو ڪوسٽر اونهي گهري کائي ۾ ڪرڻ سبب 20 ڄڻا فوت ٿي ويا.

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪوسٽر راولپنڊي کان اسڪردو وڃي رهي هئي ته روندو جي هنڌ تي گهري کائي ۾ وڃي ڪريو، نتيجي ۾ 20 مسافر فوت ٿي ويا آهن، ترجمان ٻڌايو ته ڪوسٽر ۾ 25 مسافر سوار هئا، جن ۾ 6 زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان موجب مسافر ڪوسٽر جهڙي هنڌ تي ڪريو اُتان ويجهو ئي سنڌو درياهه وهندو آهي.

پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ڪوسٽر جي ٻڏڻ جو خطرو ناهي، ريسڪيون جون ٽيمون پهچي ويون آهن، زخمين ۽ لاشن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.