ڊکڻ ۾ وياج جو آزار وڌي ويو، ڪريما خاتون جو مڙس ۽ وياجين خلاف احتجاج

news

ڊکڻ )رپورٽ: ياسين ڌاريجو) ڊکڻ جي رهواسڻ عورت ڪريما خاتون جو جواري مڙس عبدالجبار عرف بابو سولنگي ۽ جواري وياجين جي آزار خلاف احتجاج، منهنجو مڙس وياجين ۽ جوارين جي ور چڙهي گهر وڪڻي مونکي گهر کان بي دخل ڪري ڇڏيو آھي،

منهنجو مڙس عبدالجبار سولنگي جوا کيڏي قرض کڻي مونکي قرض لاهڻ لاءِ پريشان ڪري ٿو گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري مونکي ٽارچر ڪري مون مٿان تشدد پيو ڪري مان هن جو قرض ڪٿان لاهيندس، وياجين کي قرآن پاڪ ڏئي روڪيو آهي ته منهنجي مڙس کي قرض نه ڏين پر هو بنا ڪنهن جي پرواهه ڪندي بار بار منهنجي مڙس کي جوا جي ٽڪري تي وٺي وڃي جوا کيڏائي نشو ڪرائي پئسا ڏئي هاڻي وياج گهري رهيا آهن،

مان عورت ذات ڪٿان ايترا پئسا آڻيندس جو هن جو وياج ڀري سگهان، هن ٻڌايو ته هن جي رٽائرمنٽ جا پئسا به وياجين هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته منهنجو پنهنجي مڙس جي ڪنهن به فعل ڪم سان ڪو به واسطو ناهي هو ڪنهن سان به ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪندو ان جو ذميوار هو پاڻ هوندو،

منهنجو ۽ منهنجي وارثن جو منھنجي مڙس جي غلط فعلن سان ڪو به واسطو ناهي، هو جوا کيڏي جوارين کان وياج تي قرض کڻي ٿو، جواري وياجي اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن، مان پاڻ بي گهر ٿي وئي آھيان اڄ کان جيڪو به منهنجي مڙس عبدالجبار عرف بابو سولنگي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪندو ان جو ذميوار هو پاڻ هوندو ،

هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ رهائش پزير آهيان، مونکي ۽ منهنجي وارثن کي جيڪو به وياجي جواري تنگ ڪندو ان خلاف مان ڪورٽ جو در کڙڪائيندس، ڊکڻ جي رهواسڻ ڊکڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مزمل سومرو، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز، وزير اعلي سنڌ مراد علي شاهه کان انصاف جي گهر ڪندي چيو ته منهنجي مڙس کي جوا جي ٽڪري تي وياج عيوض پئسا ڏئي مونکي کي گهر کان بي دخل ڪندڙ وياجين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.