وزيراعظم پاران گئس ۽ بجلي جا اگهه نه وڌائڻ جو اعلان

news

مهمند: وزيراعظم عمران خان قبائلي علائقن جي نوجوانن کي قرض ڏيڻ، گئس ۽ بجلي جا اگهه نه وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي علائقي مهمند ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بجلي ۽ گئس جا مهانگا معاهدا اسان کان پهرين ڪيا ويا هئا ۽ جنهن اگهه تي بجلي ٺهي رهي آهي، ان کان گهٽ اگهه تي وڪڻي نٿا سگهون. بجلي جا اگهه وڌائڻا پيا، ڇو ته قرض وڌي رهيا هئا، جڏهن ته اسان هيٺين طبقي جي لاءِ بجلي جا اگهه ناهن وڌائڻا. مهانگي بجلي ٺاهيندڙ پاور اسٽيشنز کي بند ڪري ڇڏينداسين.

هن چيو ته آئون دنيا کي چئي رهيو هئس ته مودي انتهاپسند آهي ۽ سڄي دنيا کي چئي رهيو هئس ته جيڪڏهن آواز بلند نه ڪندا ته خون وهندو پوءِ سڄي دنيا دهلي ۾ غريب مسلمانن تي ظلم ڏيندي ڏٺو. اسان ڀارتي حڪومت جي ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

عمران خان چيو ته چيني حڪومت ملڪ کي مٿي کڻڻ جي لاءِ غريب عوام جي لاءِ صنعتون لڳايون، هاڻ چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان مٿي وڃي رهيو آهي. 3 سالن ۾ چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو.

هن چيو ته قبائلي علائقن به گهڻي وقت تائين دهشتگردي کي منهن ڏنو ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان قبائلي علائقن جو ٿيو، جنهن سبب قبائلي علائقي جا ماڻهو ٻين شهرن کان پوئتي رهجي ويا پر هاڻ قبائلي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو وقت اچي ويو آهي. هاڻ اسان کي قبائلي علائقي جي ماڻهن کي اڳيان وڌائڻ جو وقت مليو آهي.

وزيراعظم چيو ته سڄي مهمند ۾ زيتون جا باغ لڳائينداسين، جنهن کانپوءِ اسان کي ٻاهرين ملڪ مان زيتون گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي. مهمند ۾ سڀ کان سٺو سنگ مرمر موجود آهي، اسان هتي سنگ مرمر جا ڪارخانا لڳائينداسين.

وزيراعظم اعلان ڪيو ته قبائلي علائقي جي نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا، جڏهن ته اڍائي هزار شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏينداسين. مون کانسواءِ ڪوبه قبائلي عوام جي لاءِ آواز ناهي کنيو. احساس پروگرام تحت ماڻهن کي قرض ڏنا ويندا، جئين اهي پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن.

هن چيو ته دعا آهي ته افغانستان ۾ امن معاهدو ڪامياب ٿئي ۽ اتي امن قائم ٿئي.