وڏو ڌاڙو يا ٻيو ڪجهه ؟ غريبن جو پيسو وڃي ڪيڏانهن ٿو؟

news

گذرندڙ هڪ مهينو عالمي بئنڪ لاءِ ڪنهن طوفان کان گهٽ نه هو.

بئنڪ جي منجهيل اقتصادي ماهرن جي فوج اڀرندڙ معيشتن ۾ صنفي برابري کي وڌائڻ سميت مختلف ترقياتي مسئلن جي مضبوط حل جهڙن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪندا آهن.

پوءِ ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته بنا ڪنهن شڪ جي عالمي بئنڪ جي اڪثر تحقيقي مقالن ۽ ٻين تحقيقي ڪمن تي وڌيڪ غور ۽ فڪر يا تجزيو ناهي ڪيو ويندو، تحقيقي ڪم جڏهن منظرعام تي آندو وڃي ٿو ته ان تي تڪرار ٿيڻ ته پري بس ان تي هڪ نظر وجهي رکيو وڃي ٿو.

پر هن ڀيري ائين نه ٿيو ۽ عالمي بئنڪ جي جيڪا هاڻ تحقيق سامهون آئي آهي ان ۾ معاملو مختلف آهي. نيلز جوهانسن ۽ باب رجڪرز پاران پيش ڪئي وئي آهي هڪ تحقيق: Entitled Elite Capture of Foreign Aid: Evidence from Offshore Bank Accounts سامهون آئي، جنهن کي عالمي بئنڪ جو مڪمل سهڪار حاصل رهيو ۽ ان تحقيق لاءِ بئنڪ جي چيف پيني گولڊ برگ (جيڪو هاڻ اڳوڻو ٿي چڪو آهي) سميت اداري کي پنهنجي اقتصادي ماهرن جون ڀرپور خدمتون حاصل رهيون. 

رپورٽس موجب ان تحقيق جي ڪيترن ئي جائزن سبب نتيجن کي بهتر ۽ منظم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي.

انهن نتيجن هڪ وڏي خرابي تان پردو هٽايو آهي، سوئٽرز لينڊ، ليگزمبرگ، ڪيمن آءِ لينڊز، هانگ ڪانگ، ۽ سينگاپور ۾ موجود آف شور بئنڪن جي ڊيٽا جو جائزو وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن ته غير ملڪي امداد تي گذارو ڪندڙ ملڪن کي جڏهن امداد جي رقم ملندي آهي تڏهن ڇا ٿيندو آهي؟

تحقيق ڪندڙن کي خبر پيئي ته جيئن ئي انهن ملڪن کي رقم ڏني ويندي آهي ته ان وقت آف شور ڪمپنين جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويندو آهي، امدادي رقم جو اجراءُ ۽ پئسن جي آف شور ڪمپنين جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو هي پاڻ ۾ لاڳاپو 20 کان وڌيڪ ملڪن کان ٿيندڙ امدادي رقم جي منتقلي جي 10 سالن جي ريڪارڊ جو جائزو وٺڻ سان پيو.

هاڻ ته واضح ٿي ويو آهي ته گڙٻڙ ڪٿي آهي، عالمي بئنڪ دنيا جي غريب ترين  ملڪن کي جيڪا رقم ڏيندي هئي اها بظاهر سڌو آف شور اڪائونٽس منتقل ٿي ويندي هئي، نتيجن ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته انهن امدادي رقم جي شروعات دوران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته مقامي اشرافيا کي انهن رقمن تي ٽيڪس نه ڀرڻو پوندو، جيڪا بظاهر عوم کان لٽيل آهي، انهن ملڪن ۾ ته خاص ڪري صورتحال خراب هئي جن جي جي ڊي پي ترقياتي امداد تي ٽڪيل هئي.

هن مقالي ۾ آف شور اڪائونٽس ۾ پئسن جي اوچتي اضافي بابت ڪجهه وضاحتون به شامل آهن، جيئن اهو چيو ويو ته ممڪن آهي گهٽ ترقي يافته ڪريڊٽ مارڪيٽس وارن ملڪن هي پئسه خود ان وقت لاءِ انهن آف شور اڪائونٽس ۾ رکرايا هجن جڏهن امدادي پئسا ترقياتي منصوبن لاءِ مختص نه ڪيا وڃن، اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي انهن اڪائونٽن کي وڏا وڏا قومي ادارا ڏسندا هجن ۽ انهن ئي ان جو ڀرپور فائدو حال ڪيو هجي.

انهن سمورين ڳالهين باوجود هن مقالي جي نتيجي تڪرار کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪيترن ئي سوالن کي نروار ڪيو آهي، هڪ واضح مسئلو ته اهوئي آهي ته عالمي بئنڪ جو بنيادي مقصد ئي دنيا جي غريب ترين آبادي جي مدد ڪرڻ آهي، اهي ماڻهو جن کان لٽيل دولت آف شور اڪائونٽس ۾ متقل ڪيون وينديون رهيون، جيڪڏهن مقالي جي نتيجن کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته امدادي رقمن جي ادائيگين سان غريب کي ڪو فائدو نه مليو ها باقي گهڻو ڪري ڪرپٽ مافيائن جا کيسا ضرور گرم ٿيا هوندا.

چيو ويندو آهي ته هڪ مقالي جي بدولت دنيا جي سڀ کان وڏي امدادي ۽ ترقياتي اداري ۾ پيدا ٿيل هنگامي سبب پيني گولڊ برگ کي چيف اقتصادي ماهر جي عهدي تان 15 مهينا گذري وڃڻ بعد استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

دي اڪانامسٽ ورلڊ بئنڪ جي باسز تي مقالي کي ڇاپڻ کان روڪڻ جو الزام هنيو آهي.

يقينن ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مقالو ڪافي دير پوءِ ڇپيو آهي، پوءِ ان مقالي جي ڪنهن منصنف ان تحقيق کي پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ۽ ان کانپوءِ وڃي عالمي بئنڪ عوامي پهچ لاءِ ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو.

پر ان تڪرار سان خرابين کي ظاهر ڪندڙ ان تحقيق جي نتيجن سان چشم پوشي ممڪن ناهي، پاڪستان جو نالو ڀلي ته رپورٽ ۾ شامل نه هجي پر وڏي عرصي کان قرض تي دارومدار رکندڙ پاڪستاني چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا ته هي پيسو ڪيڏانهن ٿو وڃي، جيڪڏهن عالمي بئنڪ پنهنجي تحقيق ۽ ان جي نتيجن کي سنجيده وٺڻ چاهي ٿي ته ان کي پنهنجي طريقي ڪار ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، جڏهن هي ادارو ان قسم جي تحقيق شايع ڪري ٿو ته مجموعي طور تي ان جو مطلب اهوئي ٿئي ٿو ته هو پنهنجي اهم ڪم کي سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

عالمي بئنڪ جو ايندڙ لائحه عمل ئي هلندڙ صدي ۾ امداد جوطريقو متعين ڪري سگهي ٿو. ان حوالي سان پهريان به ڪيترائي ڀيرا تنقيد ڪئي ويندي رهي آهي ته امدادي رقمن جي ادائيگين جو نظام ۽ ذريعا ڪهڙيءَ ريت ڪامياب ترقياتي منصوبن يا عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ مددگار ثابت نٿا ٿين، ان تازي تحقيق تنقيد جي باهه کي تيل جو ڪم ڪيو آهي، جنهن مطابق امداد جي پوري ڍانچي جو نيئن سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

عام طور تي اقتصادي ماهر اخلاقيات جي باري ۾ ڪا ڳالهه نٿا ڪن، البت هن ڀيري تحقيق جي ڊيٽا اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ اقتصادي اشرافيا چوري کي بلڪل به خراب ڳالهه نٿا سمجهن ڇو ته ان سان ئي اميرن جي زالن ۽ ٻين اعليٰ عهدن تي ويٺل ماڻهن جا مهانگا شوق پورا ٿين ٿا.

جيڪڏهن ماڻهو وڏي وقت کان پيسا چوري ڪندا رهيا آهن ته ان مان اهوئي نتيجو نڪري ٿو ته دنيا جي غريبن تي حڪمراني ڪندڙ ماڻهن ٻين جي دولت هڙپ ڪرڻ ۾ ڪا به گهٻراهٽ محسوس نه ڪئي ۽ اهو عالمي بئنڪ جو مسئلو ناهي پر اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اخلاقيات کي هڪ طرف ڪيو، تحقيقي مقالي ۽ چيف اقتصادي ماهر جي استعيفيٰ سان گڏوگڏ ميڊيا وسيلي منظرعام تي ايندڙ الزامن مان اهو اشارو ملي ٿو ته وڏيون تبديليون ٿيڻ واريون آهن، اسان اهڙن ڪيترن ئي بدنيت مڊل مين کي ڄاڻون ٿا جن قانوني ڪوڙ سان گڏ پيسا چوري ڪيا پر شايد هاڻ هنن کي پيسا چوري ڪرڻ جو موقعو نه ملي.

جيتري قدر غريبن جي ڳالهه آهي ته هنن کي هٿ ڪجهه به نه ايندو، هنن کي ڪڏهن به اها دولت نصيب ناهي ٿي جيڪا هنن جي پنهنجي هئي ۽ شايد ڪڏهن نصيب ٿيندي به ڪون.   

(ڊان جي ٿورن سان)