شهيد ڪرنل مجيب الرحمان جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي

news

گلگت: (اڱارو 10  مارچ 2020ع) گذريل ڏينهن ٽانڪ  ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جي دوران شهيد ٿيندڙ ڪرنل مجيب الرحمان جي  جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

تفصيل موجب فورس ڪمانڊر ميجر جنرل احسان محمود خان جنازي واري نماز جي امامت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻو ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل(ر) هدايت الرحمان، وزيراعليٰ گلگت بلتستان ۽ شهيد جي جي عزيزن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

جنازي جي نماز کان اڳ شهيد جي مڙهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ماڻهن پاڪستان زنده باد جا نعرا به هنيا. جنازي جي نماز کان پوءِ  شهيد ڪرنل جي مڙهه کي تدفين جي لاءِ ان جي اباڻي ڳوٺ بونجي روانو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بنائيندي ٻن دهشتگردن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته  ڪرنل مجيب الرحمان ڪارروائي دوران شهادت ماڻي هئي.