لاڙڪاڻي ۾ چنگچي رڪشا کي ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نو سالا نينگر فوت، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار

news

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد سٽي اسڪول وٽ چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ رتوديرو شهر جي موٽڻ پور پاڙي جو رهواسي 9 سالن جو نينگر عبدالمالڪ پٽ محمد علي کوکر چيپاٽجي ويو.

جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي نينگر جي موت جي تصديق ڪئي وئي ۽ وارث نينگر جي لاش مٿان اوڇانگرون ڏئي روئيندا رهيا.

ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن اسين پنهنجي بيمار ٻارڙي کي علاج لاءِ شيخ زيد چلڊرين اسپتال کڻائي پئي آياسين ته سٽي اسڪول وٽ تيز رفتار چنگچي ٻاراڻي اسپتال اچي رهياسين چنگچي تي سٽي اسڪول کان تيز رفتار ٽريڪٽر عبدالمالڪ کي ٽڪر هنيو نتيجي ۾ هو چيڀاٽجي فوت ٿيو آهي.

ھوڏانھن حد جي وليد پوليس اطلاع تي پهچي ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ڊرائيور جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو. ان حوالي سان وليد پوليس ٻڌايو ته حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.