طالبان افغان حڪومت طرفان قيدين جي مشروط آزادي کي رد ڪري ڇڏيو

news

دوحه: (اربع 11 مارچ 2020ع) طالبان افغان حڪومت طرفان طالبان قيدين جي مشروط آزادي کي رد ڪري ڇڏيو.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغان طالبان جي ترجمان سهيل شاهين افغان صدر  طرفان طالبان قيدين جي مشروط آزادي  کي رد ڪندي چيو آهي ته قيدين جي مرحليوار آزادي آمريڪا سان ٿيندڙ امن معاهدي جي خلاف آهي. سهيل شاهين چيو ته معاهدي ۾ باضابطه طور تي اها ڳالهه شامل هئي ته پهريان 5 هزار قيدي آزاد ڪيا ويندا ان کان پوءِ انٽر افغان  ڳالهين جي شروعات ٿيندي. طالبان ترجمان چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ قيدين جي مشروط آزادي تي راضي ناهيون ۽  جيڪڏهن ڪو اها دعويٰ ڪري ٿو ته هي آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ معاهدي جي خلاف هوندو.

افغان طالبان جو اهو رد عمل صدر اشرف غني  جي طرفان 1500 افغان طالبان قيدين جي آزادي جو حڪم جاري ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. جڏهن ته افغان صدر جي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ هو ته طالبان جي 5 هزار قيدين جي آزادي جي پهرين مرحلي ۾ 1500 قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.

ان کان علاوه باقي 3500 افغان قيدي افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي  شروعات ٿيڻ تي آزاد ڪيا ويندا. جڏهن ته ان باقي قيدين جي آزادي به ملڪ ۾ تشدد ۾ واضح گهٽتائي سان  مشروط آهي.

افغان صدر جي ترجمان وڌيڪ چيو ته شروعاتي طور تي قيدين جي آَزادي افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ خير سگالي جي علامت آهي.