يونائيٽيڊ ھيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان ضلع اولھ جو اجلاس، عھديدارن ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت

news

ڪراچي:  يونائيٽيڊ ھيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان ضلع اولھ جو اجلاس ڪراچي ڊويزن جي صدر محمد يوسف ٿھيم جي  صدارت ۾ خداجي بستي سرجاني ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ضلع اولھ جي عھديدارن ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته يونائيٽيڊ ھيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان جي وائيس چيئرمين لالا فھيم اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي،

ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد يوسف ٿھيم چيو تہ اسان جي تنظيم پوري پاڪستان ۾ بھتر نموني ڪم ڪري رھي آھي ۽ حقدارن تائين انھن جو حق ايمانداري سان پھچائڻ ۾ تنظيم جي اڳواڻن پاڻ ملھايو آھي، اسان جي تنظيم ضلع اولھ ۾ غريب ماڻھن کي مفت راشن فراھم ڪرڻ غريب شاگردن کي مفت تعليم بيواھ عورتن کي سلائي مشنيون مفت ۾ ڏنيون آھن تہ جيئن ھو پنھنجي گھرن ۾ ھڪ سٺو روزگار ڪري سگھن،

خداجي بستي ۾ صحت جي سھولت نہ ھئڻ ڪري غريب ماڻھو علاج لاء ڪافي پريشان ھيا الحمد الله يونائيٽيڊ ھيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان پاران جلد ھڪ بھترين اسپتال جو افتتاح ڪيو ويندو جتي غريب ماڻھن کي مفت ۾ صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وينديون،

يونائيٽيڊ ھيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان جي وائيس چيئرمين لالا فھيم چيو تہ اسان جو مقصد پنھنجي ملڪ جي ھر فرد کي ھنر ڏيارڻ ۽ ان جي تعليم لاء جاکوڙڻ آھي، ھيومن رائيٽس جا نمائنده عوام جي فلاح لاء ڏينھن رات ڪم ڪري رھيا آھن، پندرنھن مارچ تي جلسو ڪوٺرايو ويو آھي جنھن ۾ غريب مسڪين ماڻھن کي راشن ۽ سلائي مشنيون ۽ ٻيو سامان مفت ڏنو ويندو،

اجلاس کي ضلع اولھ صدر عمردراز، نائب صدر قرت العين ملڪ، جنرل سيڪريٽري رحمت علي، وقاص حسن، ايم حذيفه،  امان علي، شھريار خان، نصرالدين، جنيد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.