کربين ڊالر خرچ ڪيا پر مليو ڇا؟

news

حضرت علي ابن ابي طالب جو هڪ قول اهو به آهي ته ڪاوڙ ديوانگي کان شروع ٿي ندامت تي ختم ٿئي ٿي، ان قول جي سچائي پرکڻ لاءِ نظر ڪجي ته اهو افغانستان آهي، نائن اليون جي هڪ مهيني کانپوءِ آمريڪا سڪون سان حڪمت عملي ٺاهڻ بجاءِ ڪاوڙ ۾ اچي افغانستان تي حملو ڪري ڏنو ۽ پنهنجي القاعدا دشمنن جو ڳجهي طريقي پيڇو ڪرڻ بجاءِ مڪمل فوج لاهي اقتدار طالبان کان کسي اتر اتحاد جي حوالي ڪري ڇڏيو. القاعدا وارا تتر بتر ٿي ويا ۽ طالبان به هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا.

پر ڪو به القاعدا يا طالبان جو اهم ماڻهو هٿ نه آيو، آيا به ته افغانستان کان ٻاهر هٿ آيا، گذريل ڏهن سالن تائين آمريڪا جي کلي پاليسي رهي ته طالبان دهشتگرد آهن تنهن ڪري دهشتگردن کي نه ته افغان سياسي عمل جو حصو بڻايو ويندو ۽ نه وري هنن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي تنهن ڪري جيڪو ملڪ يا گروهه هنن جو مددگار ٿيندو انکي به آمريڪا جو دشمن تصور ڪيو ويندو.

۽ پوءِ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون الڳ الڳ فهرستون ٺهيون، ٻئي گهڻو ڪري هڪ جهڙيون هيون، ان ۾ دهشتگردن، سندن تنظمن ۽ سهولتڪار ملڪن جا نالا وڌا ويا ۽ پوءِ قسمين قسمين جون پانبديون يا ته هنيون ويون يا هڻڻ جون ڌمڪيو ڏنيون ويون.

ڪيترن ئي سالن کان اولهه جي ميڊيا کان خبرون اينديون رهيون ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو هڪ حصو نه صرف طالبان جي ڪوئٽا شورا ۽ حقاني گروپ جي مدد ڪري رهيو آهي پر القاعدا جا پناهگير به پاڪستان جي سرزمين تي پناهگير بڻيل آهن ۽ ملا عمر به ڪراچي يا بلوچستان يا هِتي هُتي آهي، انهن مان ڪيتريون ئي خبرون درست به هيون، جنهن جي بنياد تي ڪامياب ڪارروايون به ٿيون، ٽارگيٽ ڪلنگ به ٿي پوءِ به ڪيتريون ئي اضافي ڳالهيون ان ڪري ورجايون ويون ته جيئن پاڪستان ڊو مور جي پٿر سان ٽڪرائبو رهي ۽ آمريڪا جون فرمائشون پوريون ڪندو رهي.

آمريڪا پاڪستان کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ ڀارت کي به افغان معاملن ۾ هٿ ونڊائڻ جي دعوت ڏني ۽ ڀارت ڪيترن ئي اهم اڏاوتي توڙي فوجي تربيتي منصوبن جي تڪميل به ڪئي.

پر آمريڪا سموري ذهانت استعمال ڪرڻ باوجود گذريل ٻن ڏهائين دوران افغانستان ۾ هڪ اهڙو مقامي سياسي، آئيني، اقتصادي، سماجي ۽ عسڪري ڍانچو ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن سان افغانستان ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿئي ها، ان وقت ۾ سواءِ پروفيشنل ڪرپٽ طفيلي سياسي گروهن جي آمريڪا کي ٻيو ڪجهه به هٿ نه آيو، هڪ به اهڙو آمريڪا نواز اڳواڻ انهن ويهن سالن دوران پيدا نه ٿي سگهيو، جيڪو ذاتي توڙي خانداني، قبائلي يا علاقائي فائدي کان هٽي ڪري پوري افغانستان کي پاڻ سان ملائڻ واري نظريي سان اڳتي وڌي سگهي.

۽ جڏهن انهن تي ڪو سوال پڇڻ کانسواءِ ڊالرن جي برسات ٿي ته يا شيخ پنهنجي پنهنجي نظر جي بازار گرم ٿي.

تازو ئي اخبار نيويارڪ ٽائيمز ”آمريڪا افغانستان ۾ ڇا وڃايو ڇا کسيو“ جي موضوع تي رپورٽ شايع ڪئي آهي، ان رپورٽ موجب آمريڪا افغانستان کي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪرڻ، ان کي هڪ جديد جمهوري ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هڪ جديد سيڪيورٽي ڍانچي ۾ آڻڻ جي منصوبي لاءِ گذريل 18 سالن ۾ ڏيڍ کان ٻه ٽريلين ڊالر لٽائي ڇڏيا، انهن مان ڪيترائي ڪنٽريڪٽرز افغان اسٽيبلشمينٽ جي کيسن ۾ گم ٿي ويا.

جڏهن آمريڪا آڪٽوبر ٻه هزار هڪ ۾ طالبان جي حڪومت کي پاڙان پٽيو ته ان وقت افغانستان ۾ آفيم جي پوک نه هئڻ برابر هئي، طالبان پنهنجي ڇهه سالن جي حڪومتي وقت ۾ منشيات خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي هئي، پر ٻه هزار سترنهن جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ جيتري به آفيم جي پيداوار ٿي ان ۾ اسي سيڪڙو افغانسان کان حاصل ٿي ۽ هاڻ منشيات جي پوک ۽ غير رسمي واپار افغانستان جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي وانگي آهي.

آمريڪا جو ان وقت دوران هڪ وڏو خواب رهيو هڪ اهڙي افغان فوج اٿي پوي جيڪا ڪنهن پرڏيهه جي مدد بغير پنهنجي ٻل تي رياست جي حفاظت ڪري سگهي، ان مقصد لاءِ سوا لک هٿياربند فوجين سميت لڳ ڀڳ ساڍن ٽن لکن جي پيرا مليٽري ۽ پوليس نفري تي مشتمل سيڪيورٽي دستن کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ستاسي ارب ڊالر، تربيت، هٿيارن ۽ پگهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا پر هر سال ڪيترائي رنگورٽ فرار ٿيندا رهيا، تنهن ڪري ٽيهه سيڪڙو نوان ڇوڪرا ڀرتي ڪري انهن جي نئين سري سان تربيت ڪرڻي ٿي پوي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته هر ٽي کان چار سالن ۾ افغان سيڪيورٽي دستا بلڪل نئين سري سان وجود ۾ آندا وڃن ٿا. افغان فوجين جو موت به آمريڪا جي ڀيٽ ۾ پنجاهه ڀيرا وڌيڪ آهي.

رپورٽ موجب مورال جو اهو عالم رهيو ته فوج ۽ پوليس جا سپاهي هٿيارن، وردين ۽ راشن تائين وڪڻي ڇڏيندا هئان. طالبان سرڪاري سيڪيورٽي دستن ۾ جاسوسي جو زبردست نيٽرورڪ قائم ڪري ورتو، افغان فوج طالبان جي خلاف جيڪا به ڪا مڙئي ڪاميابي حاصل ڪئي، اها آمريڪي هوائي ۽ آمريڪي رهنمائي کانسواءِ ممڪن نه هئي، ايترا وسيلا ڪتب آڻڻ باوجود آمريڪي بچاءَ واري کاتي جا اهلڪار بند ڪمري ۾ اعتراف ڪندا آهن ته آمريڪا جي وڃڻ بعد جيڪڏهن افغان فوج پنهنجي ٻل تي هڪ مهينو به ڪڍي وڃي ته وڏي ڳالهه هوندي.

آمريڪا ان عرصي ۾ افغان معيشت کي سندس پيرن تي بيهارڻ لاءِ پنجويهه ارب ڊالر خرچ ڪري ڇڏيا، پر ٻه هزار پنڌرنهن کانپوءِ وٺي هڪ به ساليانو معاشي هدف پورو نه ٿي سگهيو، هن وقت افغان نوجوانن ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 25 سيڪڙو آهي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي ايتري گهڻي آهي جو خود مقامي ڪمپنيون به هنرمند ۽ غير هنرمند ماڻهن لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان تي ڀروسو ڪرڻ تي مجبور آهن.

نيويارڪ ٽائمز موجب افغان جي نئين سر تعمير جي نالي تي جيتريون به اسپتالون، تعيليمي عمارتون، عسڪري اڏا ۽ رستا ٺهيا ان تي ٽيهه ارب ڊالر خرچ ٿيا، ڪنهن قدر ڪابل سميت ڪجهه وڏن شهرن ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڇوڪرين جي تعليم به بهتر ٿي آهي، پر انهن ٽيهه ارب ڊالرن مان پنڌرنهن کان ساڍا پنڌرنهن ارب ڊالر وچ ۾ ٺيڪو وٺڻ ۽ ڏيڻ وارن ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ پوندڙن گم ڪري ڇڏيا، اهڙيون ڪيتريون ئي اسپتالون ٺهيون جن ۾ ڪڏهن ڪو مريض داخل نه ٿيو، اهڙا تعليمي ادارا ٺهيا جن ۾ ڪڏهن ڪو شاگرد نه پڙهيو ۽ اهڙا عسڪري مرڪز ٺهيا جيڪي ڪڏهن به آپريشنل نه ٿي سگهيا.

آمريڪا افغانستان اندر ارڙهن سالن ۾ جيڪي ڏيڍ کان ٻه ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا، ان مان اڌ آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو آهي ۽ اڌ قرض آهي، جنهن تي ٻه هزار ٽيهه تائين ڇهه سئو ارب ڊالر وياج ڏنو ويو هوندو، ان کان علاوه هن وقت تائين هڪ سئو پنجهتر ارب ڊالر آمريڪي جنگي زخمين ۽ معذورن جي طبي، ويمي ۽ پينشني سارسنڀال تي خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ايندڙ چاليهن سالن ۾ انهن تي وڌيڪ هڪ ڏهائي چار ٽريلين جا خرچ هوندا، يعني هيءَ جنگ آمريڪا کي ٽن کان ساڍن ٽن ٽريلين ڊالرن ۾ پيئي پر مليو ڇا؟

(ايڪسپريس جي ٿورن سان)